آصفه ڀٽو زرداري قومي اسيمبلي ۾ عورتن بابت خورشيد شاهه جي ڳالهايل جملن تي ناپسنديدگي ظاهر ڪندي کانئس معذرت ڪرڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي

Aseefa-Twitter-Massege-13417

آصفه ڀٽو زرداري قومي اسيمبلي ۾ عورتن بابت خورشيد شاهه جي ڳالهايل جملن تي ناپسنديدگي ظاهر ڪندي کانئس معذرت ڪرڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي.

آصفه ڀٽو زرداري ٽوئٽ ۾ چيو آهي ته پارليامينٽ هائوس ۾ عورتن بابت توهين جوڳن جملن جو اثر مٿن به پئجي سگهي ٿو، اميد آهي ته خورشيد شاهه احترام سان عورت ميمبرن بابت ڳالهايل جملن تي معذرت ڪندو.

آصفه ڀٽو چيو ته سياست ۾ عورت ميمبرن بابت غير ذميواراڻا بيان ڪيترائي ڀيرا ڏنا ويا، اهڙا بيان برداشت نه ٿيڻ گهرجن.

واضح رهي ته قومي اسيمبلي جي اجلاس بعد پارليامنٽ هائوس مان ٻاهر نڪرڻ وقت خورشيد شاهه جي هڪ جملي تي عورت ميمبرن اعتراض واريو ۽ چيو ته کين خورشيد شاهه جهڙي سنجيده سياستدان مان اهڙي اميد نه هئي.

ميڊيا رپورٽس موجب خورشيد شاهه چيو هو ته عورتن کي ڳالهائڻ کان نه روڪيو بيمار ٿي پونديون.

خورشيد شاهه آصفه ڀٽو زرداري جي ٽوئٽ بعد وضاحت ڪندي چيو آهي ته هن ڪڏهن به عورتن خلاف نه ڳالهايو آهي، آصفه کي بيان غلط ٻڌايو ويو هوندو.

خورشيد شاهه چيو ته هن رڳو اهو چيو ته عورتن کي ڳالهائڻ ڏيو، کيس ٻڌايو وڃي ته ڪهڙي غلط ڳالهه ڪئي آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*