درگاهه لطيف سائين جي گادي نشين سيد وقار حسين شاھ چيو آهي ته سنڌ امن ۽ محبت جي ڌرتي آهي جتي دھشتگردي ۽ انتها پسندي جي ڪا به جڳھه نه آهي

ghari khero

درگاهه لطيف سائين جي گادي نشين سيد وقار حسين شاھ چيو آهي ته سنڌ امن ۽ محبت جي ڌرتي آهي جتي  دھشتگردي ۽ انتها پسندي جي ڪا به جڳھه نه آهي.

ڳڙهي خيري ويجهو ڳوٺ حبيب الله بليدي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي سيد وقار شاھ چيو ته درگاهن جو پيغام امن جو پيغام آهي، لطيف سائين جي پيغام کي عام ڪرڻ جي ضرورت آهي.

هن چيو ته ملڪ ۾ ڪرپشن انتها تي پهچي چڪي آهي، درگاهون اوقاف کاتي جي حوالي آهن، آفيسر درگاهن جي سڪيورٽي بدران نذرانن جي پيٽين ۾ دلچسپي رکن ٿا.

وقار حسين شاهه وڌيڪ چيو ته  ملڪ ۾ امن لاءِ سڀني گادي نشينن سميت ٻين ڌرين کي گڏجي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي…………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*