ڪراچي ۾ جوابدار طلاق معاملي تان پنهنجي زال ۽ سس کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو، سهراب ڳوٺ ۽ لانڍي مان ٻن ڄڻن جا لاش هٿ ڪيا ويا

karachi map

ڪراچي ۾  جوابدار طلاق معاملي تان پنهنجي زال ۽ سس کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو، سهراب ڳوٺ ۽ لانڍي مان ٻن ڄڻن جا لاش هٿ ڪيا ويا، جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو.

سرجاني ٽائون جي گلشن ڪنيز فاطمه ۾ طلاق گهرڻ واري معاملي تان جوابدار مڙس پنهنجي زال ڪرن ۽ سس شاهجهان کي گوليون قتل ڪري ڇڏيو.

پوليس اطلاع ملڻ بعد واقعي واري هنڌ پهچي ٻنهي عورتن جا لاش تحويل ۾ وٺي عباسي شهيد اسپتال منتقل ڪري ڇڏيا، جتي پوسٽ مارٽم بعد ٻنهي عورتن جا مڙهه وارثن حوالي ڪري ڇڏيا.

پوليس جو چوڻ آهي ته ابتدائي جاچ ۾ خبر پئي آهي ته عورتن جي قتل جو ڪارڻ طلاق جو آهي.

پوليس موجب، جوڙي جي طلاق بابت ملير جي عدالت ۾ ڪيس هلندڙ هو، جوابدار گهرواري ۽ سس کي ان وقت قتل ڪيو، جڏهن اهي عدالت وڃڻ لاءِ نڪري رهيون هيون.

ٻئي پاسي سهراب ڳوٺ ۾ بس اڏي ويجهو ٻُوڙن مان هڪ شخص جو تشدد ٿيل لاش مليو، جنهن کي عباسي شهيد اسپتال منتقل ڪيو ويو.

ملير جي لانڍي گرائونڊ مان به هڪ لاش جو لاش مليو، جنهن کي جناح اسپتال منتقل ڪيو ويو…….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*