چمبڙ ۾ اڳوڻي صدر آصف زرداري جي ويجهي ساٿي غلام قادر مري ۽ سندس ساٿين جي بازيابي لاءِ ڳوٺاڻن پاران ڌرڻو هنيو ويو،جڏهن بک هڙتال پڻ ڪئي وئي

chamber

چمبڙ ۾ اڳوڻي صدر آصف زرداري جي ويجهي ساٿي غلام قادر مري ۽ سندس ساٿين جي بازيابي لاءِ ڳوٺاڻن پاران ڌرڻو هنيو ويو،جڏهن بک هڙتال  پڻ ڪئي وئي.

ڳوٺ کٻڙ پنهور ۽ نصير لغاري جي ڳوٺاڻن

الهبخش پنهور، عاشق لغاري، ڪريم بخش ۽ ستار شيدي جي اڳواڻي ۾ ڌرڻو هڻي غلام قادر مري ۽ سندس ساٿين جي   بازيابي جي گهر ڪئي وئي.

شهر جي نيشنل چوڪ تي غلام قادر مري جي ڀائٽي عثمان مري، لکي خاصخيلي، غلام حيدر لغاري، علي نواز لاشاري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ علامتي بک هڙتال ڪئي وئي.

ان موقعي تي احتجاج ڪندڙن  گهر ڪئي ته غلام قادر مري ۽ سندس ساٿين کي ترت بازياب ڪيو وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*