پنجاب ۾ رينجرز ۽ پوليس مختلف هنڌن تي ڪارروايون ڪري 5 دهشتگردن کي ماري ڇڏيو، ڊي جي خان ۾ دهشتگردي جو وڏو منصوبو ناڪام بڻايو ويو

lhr amjad

پنجاب ۾ رينجرز ۽ پوليس مختلف هنڌن تي ڪارروايون ڪري 5 دهشتگردن کي ماري ڇڏيو، ڊي جي خان ۾ دهشتگردي جو وڏو منصوبو ناڪام بڻايو ويو .

لاهور ۾رينجرز ۽ پوليس عملدارن گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندي ٻڌايو ته ڊيرا غازي خان ۾ دهشتگردي جو وڏو منصوبو ناڪام بڻايو ويو آهي.

رينجرز جي ڪرنل امجد ٻڌايو ته ڊيرا غازي خان ۾ مقابلي دوران 3 دهشتگرد مارجي ويا.

ڪرنل امجد جو چوڻ هو ته پنجاب ۾ آپريشن ردالفساد تحت وڏيون ڪاميابيون ملي رهيون آهن.

سندس چوڻ هو ته لاهور جي علائقي ڊفينس ۾ آپريشن دوران 6 شڪي گرفتار ڪيا ويا، جڏهن ته اٽڪ مان گرفتار دهشتگرد وٽان اهم ڄاڻ ملي آهي.

هن وڌيڪ ٻڌايو ته ڊي جي خان ۾ پابندي مڙهيل تنظيم جا 5 دهشتگرد ماريا ويا آهن، دهشتگردن وٽان بارودي مادو ۽ هٿيار به هٿ ڪيا ويا.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*