پ پ،اي اين پي ۽ تحريڪ انصاف جي سينيٽرز گئس بابت سنڌ جي وڏي وزير جي بيان جي حمايت ڪئي آهي

cm

پ پ،اي اين پي ۽ تحريڪ انصاف جي  سينيٽرز گئس بابت سنڌ جي وڏي وزير جي بيان جي حمايت ڪئي آهي، سسئي پليجو  چيو آهي ته وفاق سنڌ کي پنهنجي ڪالوني ٿو سمجهي، شيري رحمٰن چيو آهي ته وفاق 18 ترميم کي دل سان تسليم نه ڪيو آهي، نوازليگ جي سينيٽر عبدالقيوم چيو ته سنڌ جي وڏي وزير کي معاملي تي وفاق سان ڳالهائڻ گهرجي.

سينيٽ اجلاس چيرمين رضا رباني جي صدارت هيٺ ٿيو، اجلاس ۾ مختلف معاملن تي بحث ڪيو ويو.

پ پ سينيٽر سسئي پليجو گئس بابت سنڌ جي وڏي وزير جي بيان جي حمايت ڪندي چيو ته  سنڌ ڪنهن جي ڪالوني ناهي صوبي کي ڀت سان لڳائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي.

هن چيو ته وفاقي وزير چون ٿا ته سنڌ کي خوش ٿيڻ  کپي اين ايف سي ۾ وڌيڪ فند ڏنا آهن، حقيقت اها آهي ته اين ايف سي ايوارڊ ئي نه ڏنو ويو آهي.

سسئي پليجو چيو ته حيسڪو  چوي ٿو ته  بجلي موجود آهي، وضاحت ڪئي وڃي ته سنڌ جي بجلي ۽ گئس ڇو بند ڪئي پئي وڃي.

هن چيو ته وڏي وزير جو  مطالبو آئيني  آهي ان ڪا به ڌمڪي نه ڏني آهي.

پ پ سينيٽرشيرين رحمن چيو ته سنڌ اسيمبلي ۾ جيڪو ڪجهه ڪيو ويو آهي ان تي ڳڻتي آهي.

هن چيو ته سنڌ کي ديوار سان لڳايو پيو وڃي، 18 ترميم کان پوءِ حڪمران ان کي تسليم ڪرڻ لاءِ تيار ناهن.

سندس چوڻ هو ته  وفاقي حڪومت سان ملاقاتن ۾ ڪيترائي ڀيرا وڏي وزير  سان گڏ هيس پر وفاق ٺلهيون تسليون ڏنيون.

چيرمين رضا رباني چيو ته  پئٽروليم جو وزير ايوان ۾  اچي جواب ڏئي.

سينيٽر مير ڪبير  چيو ته  سنڌ جي وڏي وزير واريون ڳالهيون بلوچستان  به وڏي عرصي کان ڪندو اچي پيو ، نواب اڪبر بگٽي به گئس جي رائلٽثي گهري جنهن کان پوءِ کيس ماريو ويو، خدا سنڌ جي وڏي وزير جو خير ڪري.

نوازليگ جي سينيٽر عبدالقيوم چيو ته سنڌ جي وڏي وزير کي معاملي تي وفاق سان ڳالهائڻ گهرجي ۽ معاملو سي سي آءِ ۾ اٿاريو وڃي.

خيبر پختونخواهه جي اڳوڻي وڏي وزير ۽ اي اين پي سينيٽر امير حيدر هوتي پارليامينٽ هائوس اڳيان ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته   هو سنڌ جي وڏي وزير جي راءِ سان متفق آهي، وفاق سڀني صوبن جي ترقي تي ڏيان ڏي.

پي ٽي آءِ ايم اين اي عارف علوي ميڊياسان ڳالهائيندي چيو ته سڀ کان وڌيڪ گئس پيدا ڪندڙ صوبي کي گئس نه ملڻ ظلم آهي، حڪومت جي رويي سان آئيني بحران پيدا ٿي سگهي ٿو.

متحده پاڪستان جي سينيٽر طاهر مشهدي وڏي وزير جي بيان کي سٺي آئيني ڌمڪي قرار ڏيندي چيو ته آئين ۾ تيل ۽ گئس تي صوبن جو حق تسليم ٿيل آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*