واهي پاندي ۾ ٽرانسپورٽرز جي ٻن گروهن ۾ تڪرار سبب پبلڪ ٽرانسپورٽ رستن تان غائب

واهي پانڌي ۾ ٽرانسپورٽرز جي ٻن گروهن ۾ تڪرار سبب  پبلڪ ٽرانسپورٽ بند ٿي وئي، هڪ گروپ پاران گاڏيون بيهاري احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

بس ڊرائيورن ۽ وين ڊرائيورن جي ٻن گروهن ۾ سواري کڻڻ واري معاملي تان  تڪرار سبب سموري شهر جي بپلڪ ٽرانسپورٽ بند ڪئي وئي.

ان دوران بس ڊرائيورن علي نواز لغاري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ مک چوڪ تي گاڏيون بيهاري احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو.

احتجاج ڪندڙن جو چوڻ هو ته هڪ ايم اين اي جي مائٽن وين سروس شروع ڪئي آهي، جيڪي بنا شيڊيول جي سواريون کڻي رهيا آهن، جنهن سان ٻين جي روزي متاثر ٿي رهي آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*