حيدرآباد ۾ پيپلزپارٽي پاران غلام قادر مري، نواب لغاري ۽ اشفاق لغاري جي بازيابي لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو

hyd gulam mari

حيدرآباد ۾ پيپلزپارٽي پاران غلام قادر مري، نواب لغاري ۽ اشفاق لغاري جي بازيابي لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو.

ايم اين اي ڪمال خان چانگ ۽ ڊسٽرڪٽ ڪائونسل جي وائيس چيئرمين بلاول لغاري جي اڳواڻي ۾ ڪارڪنن شهباز بلڊنگ کان پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي ڌرڻو هڻي نعريبازي ڪئي.

ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي اڳواڻن الزام هنيو ته هڪ سازش تحت غلام قادر مري، نواب لغاري ۽ اشفاق لغاري  کي کنڀي ڪري گم ڪيو ويو آهي.

هنن چيو ته جيڪڏهن غلام قادر مري، نواب لغاري ۽ اشفاق لغاري خلاف ڪيس آهن ته سندن گرفتاري ظاهر ڪري کين عدالتن ۾ پيش ڪيو وڃي.

اڳواڻن وڌيڪ چيو ته پ پ جي اڳواڻن غلام قادر مري، نواب لغاري ۽ اشفاق لغاري کي جلدآزاد نه ڪيو ويو ته احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو………………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*