وزيراعظم جي پرڏيهي معاملن بابت صلاحڪار سرتاج عزيز چيو آهي ته ڪلڀوشن ياديو خلاف سموريون ڪارروايون قانون موجب ڪيون ويون

sartaj aziz

وزيراعظم جي پرڏيهي معاملن بابت صلاحڪار سرتاج عزيز چيو آهي ته ڪلڀوشن ياديو خلاف سموريون ڪارروايون قانون موجب ڪيون ويون، ڀارت جا لڳايل الزام بي بنياد آهن، ڀارت کي ذميواري جو مظاهرو ڪرڻ گهرجي.

اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي سرتاج عزيز چيو ته ڪلڀوشن ياديو پاڪستان جي سلامتي کي نقصان پهچائڻ ملوث رهيو آهي.

سندس چوڻ هو ته ڪلڀوشن ياديو ڀارتي نيوي جو حاضر سروس آفيسر آهي، هو پاڪستان ۾ دهشتگردي ۾ ملوث رهيو آهي. کيس مارچ ۾ بلوچستان مان گرفتار ڪيو ويو هو.

هن چيو ته ڪلڀوشن ياديو را جي لاءِ جاسوسي ڪري رهيو هو، ڪلڀوشن جي دهشتگرد ڪاررواين ۾ ڪيترائي ماڻهو مارجي ويا،

پرڏيهي صلاحڪار چيو ته ڪلڀوشن کي قانون موجب فيلڊ ڪورٽ مارشل ڪيو ويو، ڪورٽ مارشل ۾ ڪلڀوشن جو اعترافي بيان پيش ڪيو ويو.

هن چيو ته ڪلڀوشن جي اعترافي بيان فوجداري ضابطي تحت رڪارڊ ڪيو ويو، جڏهن ته ڪلڀوشن کي صفائي پيش ڪرڻ لاءِ آفيسر جي سهولت به فراهم ڪئي وئي.

سرتاج عزيز چيو ته 25 مارچ 2016ع ۾ ڪلڀوشن ياديو جو اعترافي بيان سامهون آيو هو، ان کان 23 ڏينهن اڳ کيس گرفتار ڪيو ويو هو.

هن چيو ته ٻئي ٻڌڻي 19 اڪٽوبر، ٽئين ٻڌڻي 29 آڪٽوبر ۽ چوٿين ٻڌڻي 12 فيبروري تي ٿئي هئي، ڦاهي جي منظوري 10 اپريل تي ڏني وئي.

پرڏيهي صلاحڪار چيو ته هڪ قانوني صلاحڪار ڪلڀوشن کي فراهم ڪيو ويو ته جيڪو سڄي عدالتي ڪارروائي ۾ سندس دفاع ڪري سگهي.

سرتاج عزيز چيو ته ڪلڀوشن ياديو جو ٽرائل پاڪستان جي قانون موجب شفاف بڻائڻ سمورا قدم خاص طور تي کنيا ويا……

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*