پاڪ سر زمين پارٽي جي سربراهه مصطفيٰ ڪمال چيو آهي ته، سنڌ جو وڏو وزير شهري ادارن تي قبضو ڪيون ويٺو آهي

mustufa kamal

پاڪ سر زمين پارٽي جي سربراهه مصطفيٰ ڪمال چيو آهي ته، سنڌ جو وڏو وزير شهري ادارن تي قبضو ڪيون ويٺو آهي، هاڻي ائين ٿيڻ نه ڏنو ويندو.

ڪراچي پريس ڪلب ٻاهران ڌرڻي دوران ميڊيا سان ڳالهائيندي مصطفيٰ ڪمال چيو ته ٻن ڏينهن دوران ايندڙ لائحه عمل جو اعلان ڪيو ويندو.

هن الزام لڳائيندي چيو ته سنڌ حڪومت پاڻ قانون ٺاهي ادارن کي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو آهي.

مصطفيٰ ڪمال وڌيڪ چيو ته وزيراعليٰ کي ادارا واپس ڪرڻا پوندا، هاڻي ائين ٿيڻ نه ڏينداسين، ايندڙ ٻن ڏينهن ۾ لائحه عمل جوڙيو ويندو،جئين ڪڏهن به سڏ ڏيون ته سڀئي ماڻهو اچي وڃن……….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*