ملير ۾ ڳوٺاڻن پاران پاڻي سميت ٻين بنيادي سهولتن جي فراهمي لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو

malir

ملير ۾ ڳوٺاڻن پاران پاڻي سميت ٻين بنيادي سهولتن جي فراهمي لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

ڳوٺ الله بخش جوکيو جي رهواسين ڪائونسلر عبدالجبار جوکيو ۽ حبيب جوکيو جي اڳواڻي ۾ رهواسي مرد ۽ عورتن احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي.                                                                      ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي رهواسين چيو ته ڳوٺ ۾ 5 سالن کان پاڻي جي ٽانڪي ٺهيل آهي پر هن وقت لائينون نه وڇايوون ويون آهن.

هنن چيو ته بار بار شڪايتون ڪرڻ باوجود ڪو به چونڊيل نمائندو ۽ عملدار   ٻڌڻ لاءِ تيار ناهي.

رهواسين حڪومت کان مطالبو ڪيو ته ڳوٺ ۾ پاڻي جون لائينون وڇائي، روڊ ٺهرائي ٻيون بنيادي سهولتون فراهم ڪيون وڃن………………………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*