آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجا سنڌ حڪومت سان جاري اختلافن تي خاموشي ٽوڙيندي چيو آهي ته ڪراچي ۾ ڊي آءِ جي ٽريفڪ منهنجي مرضي کانسواءِ مقرر ڪيو ويو آهي اصل مسئلو اختيارن جو آهي

ad khuwaja

آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجا سنڌ حڪومت سان جاري اختلافن تي خاموشي ٽوڙيندي چيو آهي ته ڪراچي ۾ ڊي آءِ جي ٽريفڪ منهنجي مرضي کانسواءِ مقرر ڪيو ويو آهي اصل مسئلو اختيارن جو آهي، مون کان جيڪي ناراض آهن انهن کان ئي ناراضگي وارو سوال پڇيو وڃي.

ڪراچيءَ ۾ پوليس رپورٽنگ سينٽر جو افتتاح ڪرڻ بعد ميڊيا سان غير رسمي ڳالهه ٻولهه ڪندي اي ڊي خواجا چيو ته هن سخت ڏکيائين جي باوجود سنڌ پوليس جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو پوليس اهلڪار ميرٽ تي ڀرتي ڪيا.

اي ڊي خواجا جو وڌيڪ چوڻ هو ته پوليس ۾ سڌارن جي ڳالهه ٿي رهي آهي، جيڪا تمام بهتر آهي، موجوده قانونن ۾ به پوليس سڌارن جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون.

هن چيو ته پوليس جي رپورٽنگ سيل جي قيام سان پوليس ۾ بهتري آڻڻڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*