پ پ سنڌ جي صدر ۽ سينيئر صوبائي وزير نثار کهڙي چيو آهي ته نواز ليگ جي سرڪار سنڌواسين کي مايوس ڪيو آهي

Nisar-Khoro-14417

پ پ سنڌ جي صدر ۽ سينيئر صوبائي  وزير نثار  کهڙي چيو آهي ته نواز ليگ جي سرڪار  سنڌواسين کي مايوس ڪيو آهي،نواز شريف کي سنڌ مان ڪجهه به حاصل نه ٿيندو، کيس رڳو الوداعي دعوتون نصيب ٿينديون ،پ پ سنڌ جي عوام جي محافظ آهي.

ڪراچي ۾ وزير اعظم جي جيڪب آباد ۾ جلسي کي ڪيل خطاب تي ردعمل ظّاهر ڪندي نثار کهڙي چيو ته پيپلز پارٽي سنڌ جي عوام جي محافظ آهي.

نثار احمد کهڙي  چيو ته نواز شريف کي سنڌ مان الوداعي دعوتن کانسواءِ ڪجهه  به نصيب نه ٿيندو.

 هن چيو ته ن ليگ جي وفاقي سرڪار سنڌواسين کي مايوس ڪيو آهي، وفاقي حڪومت سنڌ کي بجلي، پاڻي ۽ گئس کان محروم ڪري ڇڏيندي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*