وڏي وزير مراد علي شاهه گئس واري معاملي تي وفاق کي ان ڪري للڪاريو آهي جو نوري آباد پاور پلانٽ ۾ آصف زرداري جا شيئر آهن, وفاقي وزير خواجا سعد رفيق

Saad-Rafique-14417

وفاقي وزير خواجا سعد رفيق چيو آهي ته وڏي وزير مراد علي شاهه گئس واري معاملي تي وفاق کي ان ڪري للڪاريو آهي جو نوري آباد پاور پلانٽ ۾ آصف زرداري جا شيئر آهن ۽ پ پ وارا پاور پلانٽ لاءِ مفت گئس جي فراهمي چاهين ٿا، 2018 جي چونڊن ۾ سنڌ مان پيپلزپارٽي جي تڏا ويڙهه ڪري ڇڏينداسين.

جيڪب آباد ۾ جلسي کي خطاب ڪندي ريلوي جي وفاقي وزير خواجا سعد رفيق چيو ته نوري آباد واري پاور پلانٽ جا سنڌ حڪومت وٽ 49 سيڪڙو شيئرز آهن، 51 سيڪڙو مالڪي وارا شيئرز نجي ڪمپني جا آهن.

سعد رفيق چيو ته وڏي وزير مراد علي شاهه گئس واري معاملي تي وفاق کي ان ڪري للڪاريو آهي جو نوري آباد پاور پلانٽ ۾ آصف زرداري جا شيئر آهن ۽ پيپلزپارٽي وارا پاور پلانٽ لاءِ مفت گئس جي فراهمي چاهين ٿا.

هن چيو ته سنڌ حڪومت نوري آباد پاور پلانٽ لاءِ بئنڪ گارنٽي کانسواءِ گئس جو ڪنيڪشن وٺڻ چاهي ٿي.

سندس چوڻ هو ته سنڌ کي 2018ع ۾ پيپلز پارٽي کان آزادي ملي ويندي، سنڌ جي عوام کي ڪي به سهولتون نه پيون ملن.

وفاقي وزير چيو ته نوري آباد پاور پلانٽ ۾ مالڪي واري حصيداري نجي ڪمپني جي آهي، ٻڌايو ته ان نجي ڪمپني جي پٺيان ڪير آهي.

سعد رفيق چيو ته پ پ وارن ڪڏهن شهيد ڀٽو ته ڪڏهن بينظير جي شهادت تي ووٽ ورتا، ڪير به غلط فهمي ۾ نه رهي، ن ليگ سنڌ ۾ پنهنجي جاءِ ٺاهيندي.

سندس چوڻ هو ته هڪ ارب رپين جي بئنڪ گارنٽي ڏيڻ کانپوءِ ئي  گئس ڏني ويندا، پيپلز پارٽيءَ وارا مفت ۾ گئس ڪنيڪشن حاصل ڪرڻ چاهن ٿا.

هن چيو ته ايندڙ اليڪشن ۾ پ پ جي تڏا ويڙهه ڪري ڇڏينداسين، ن ليگ سنڌ مان جاگيردارن جي سياست ختم ڪري ڇڏيندس.

خواجه سعد رفيق چيو ته ڪراچيءَ کي ڪچري جو ڍير بڻايو ويو آهي، سنڌ جا ٻيا شهر به کنڊرن جو ڏيک ڏئي رهيا آهن.

هن وڌيڪ چيو ته پيپلز پارٽي وارا پاڪستان جي نه پر پنهنجي بنگلن جي ترقي چاهن ٿا، نواز شريف جي اڳواڻي ۾ سنڌ جي تقدير تبديل ڪري ڇڏينداسين…..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*