پنجاب ۽ ڪي پي ۾ ڪومبنگ آپريشن جاري آهي

Punjab-Police-15417

پنجاب ۽ ڪي پي ۾ ڪومبنگ آپريشن جاري آهي، مختلف شهرن ۾ پوليس ڪارروايون ڪري 35 کان وڌيڪ جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو.

قصور ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ پوليس سرچ آپريشن ڪري ڦرن جي وارداتن ۾ ملوث ٻن جوابدارن سميت 11 ڏوهارين کي گرفتار ڪري ورتو.

پوليس موجب، سرچ آپريشن دوران جوابدارن وٽان وڏي تعداد ۾ هٿيار ۽ منشيات هٿ ڪئي وئي آهي.

دنياپور ۾ لوڌران پوليس، ايليٽ فورس ۽ حساس ادارن سرچ آپريشن  ڪري 40 شڪي ماڻهن کي گرفتار ڪري ورتو.

ڊي پي او اسد سرفراز چيو آهي ته سرچ آپريشن دوران 40 کان وڌيڪ ماڻهن جي بائيو ميٽرڪ تصديق ڪئي وئي.

جهلم ۾ صدر ٿاڻي جي حد ۾ پوليس ۽ حساس ادارن سرچ آپريشن ڪري ٽن خطرناڪ ڏوهارين سميت 5 جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو.

پوليس موجب، پنڊ دادن ۾ ڪارروائي دوران قتل ۾ ملوث اشتهاري خضر جان کي به حراست ۾ ورتو ويو.

ڪي پي ۾ پوليس ڪارروايون ڪري 16 جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو، پوليس جو چوڻ آهي ته حراست ۾ ورتل جوابدارن وٽان هٿيار هٿ ڪيا ويا آهن.

گلبرگ واري علائقي ۾ پوليس ڪومبنگ آپريشن ڪندي گهر گهر جهڙتي ورتي.

پوليس موجب، سرچ آپريشن دوران 16 جوابدارن کي حراست ۾ ورتو ويو، جن وٽان هٿيار به هٿ ڪيا ويا.

پوليس جو چوڻ آهي ته حراست ۾ ورتل جوابدارن ۾ مختلف وارداتن ۾ ملوث ڏوهاري به شامل آهن، جن کان وڌيڪ پڇا ڳاڇا ڪئي پئي وڃي………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*