ڪراچي ۾ جوابدار ڇرين جي وار ڪري پسند جو پرڻو ڪندڙ نوجوان کي قتل ۽ پنهنجي ڀيڻ کي زخمي ڪري ڇڏيو

Police-Karachi-15417

ڪراچي ۾ جوابدار ڇرين جي وار ڪري پسند جو پرڻو ڪندڙ نوجوان کي قتل ۽ پنهنجي ڀيڻ کي زخمي ڪري ڇڏيو،  پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدار کي گرفتار ڪرڻ لاءِ ٽيم جوڙي وئي آهي.

سپرهاءِ وي لڳ جنجال ڳوٺ ۾ جوابدار ڇرين جا وار ڪري اعظم نالي شخص کي قتل ڪري ڇڏيو ۽ سيما نالي شخص زخمي ٿي پيو.

پوليس جو چوڻ آهي ته ته مقتول اعظم ۽ سيما ڪجهه عرصو اڳ پيار جو پرڻو ڪيو هو، جنهن تي ناري جا وارث ناراض هئا.

پوليس موجب، ناري جي ڀاءُ پيارپرڻو ڪرڻ تان اعظم کي قتل ۽ ڀيڻ کي زخمي ڪري فرار ٿي ويو آهي.

پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدار کي گرفتار ڪرڻ لاءِ ٽيم جوڙي وئي آهي، کيس تمام جلد گرفتار ڪيو ويندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*