لاهور هاءِ ڪورٽ بار ايسوسئيشن فوجي عدالت طرفان موت جي سزا مليل ڀارتي جاسوس ڪلڀوشن ياديو جو ڪيس وٺندڙ وڪيل کي خبردار ڪري ڇڏيو آهي

Lahore-Bar-15417

لاهور هاءِ ڪورٽ بار ايسوسئيشن فوجي عدالت طرفان موت جي سزا مليل ڀارتي جاسوس ڪلڀوشن ياديو جو ڪيس وٺندڙ وڪيل کي خبردار ڪري ڇڏيو آهي.

لاهور هاءِڪورٽ بارايسوسئيشن جي سيڪريٽري عامر سعيد چيو ته فوجي عدالت طرفان موت جي سزا مليل ڪلڀوشن ياديو جي اپيل جي پيروي ڪندڙ وڪيل خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي.

سندس چوڻ هو ته ته ڪلڀوشن ياديوي جي اپيل جي پيروي ڪندڙ وڪيل جي ميمبرسپ به ختم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.

هن چيو ته ڀارت ڪلڀوشن ياديو کي پنهنجو پٽ چئي رهيو آهي ۽ سندس آزادي لاءِ پاڪستاني حڪومت تي دٻاءُ وجهي رهيو آهي.

عامر سعيد ران چيو ته وڪيل ڪلڀوشن ياديو جي آزادي جي اجازت نه ڏيندا، جنهن کي معصوم پاڪستانين کي مارڻ جي ڏوهه ۾ سزا ٻڌائي وئي آهي…………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*