موسميات کاتي چيو آهي ته اڄ لاڙڪاڻو، شهيد بينظيرآباد، حيدرآباد، دادو، جيڪب آباد ۽ سکر سميت مختلف علائقن ۾ موسم گرم ۽ خشڪ رهندي

Heat-Sun-15417

موسميات کاتي چيو آهي ته اڄ لاڙڪاڻو، شهيد بينظيرآباد، حيدرآباد، دادو، جيڪب آباد ۽ سکر سميت مختلف علائقن ۾ موسم گرم ۽ خشڪ رهندي، شهري 12وڳي منجهندکان شام 4 وڳي تائين گهرن کان ٻاهر نڪرڻ کان احتياط ڪن.

ڪي ٽي اين نيوز سان ڳالهائيندي  موسميات کاتي جي ڊائريڪٽر عبدالرشيد چيو آهي ته شهري گرمي سبب ٿڌيون شيون، او آر ايس ۽ پاڻي جو وڌ کان وڌ استعمال ڪن.

ڊي جي عبدالرشيد چيو ته ماڻهو اس ۾ نڪرڻ وقت مٿي تي ڪپڙو رکن، جئين اس جي اثر کان بچي سگهن.

موسميات کاتي  موجب گذريل ڏينهن جيڪب آباد ۽ لاڙڪاڻي ۾ 47 سينٽي گريڊ، دادو، شهيد بينظيرآباد، مٺي،سکر، موهن جو دڙو، لسٻيلا ۽ سبي ۾ 46 سينٽي گريڊ گرمي رڪارڊ ڪيو ويو هو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*