سڪيورٽي فورسز ايسٽر جي موقعي تي لاهور ۾ دهشتگردي جي وڏي ڪوشش کي ناڪام بڻائي ڇڏيو

ISPR-areested-15417

سڪيورٽي فورسز ايسٽر جي موقعي تي لاهور ۾ دهشتگردي جي وڏي ڪوشش کي ناڪام بڻائي ڇڏيو، پنجاب سوسئيٽي ۾ آپريشن دوران هڪ دهشتگرد مارجي ويو ۽ عورت کي گرفتار حراست ۾ ورتو ويو.

آءِ ايس پي آر موجب، لاهور ۾ ايسٽر جي موقعي تي انٽيليجنس ايجنسين وڏي دهشتگردي کي ناڪام بڻايو آهي.

آءِ ايس پي آر موجب، انٽيليجنس جي پنجاب جي هائوسنگ سوسائٽي ۾ ڪارروائي دوران هڪ دهشتگرد مارجي ويو ۽ هڪ عورت کي گرفتار ڪيو ويو.

آءِ ايس پي آر موجب، مارجي ويل دهشتگرد وٽان آپگهاتي جيڪٽس، بارودي مواد ۽ ٻيو سامان هٿ ڪيو ويو.

آءِ ايس پي آر موجب، آپريشن ۾ سڪيورٽي فورسز جا 4 اهلڪار زخمي ٿي پيا، جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*