ڊاڪٽر عاصم ڪرپشن ڪيس ۾ ڪراچي جي احتساب عدالت ۾ پيش ٿيو

Dr-Asim-Court-15417

ڊاڪٽر عاصم ڪرپشن ڪيس ۾ ڪراچي جي احتساب عدالت ۾ پيش ٿيو، جج نه هئڻ سبب ڪيس جي ٻڌڻي 29 اپريل تائين ملتوي ڪئي وئي، پوليس جي بڪتر بند گاڏي  تي ڊاڪٽر عاصم عدالت آيو.

ڊاڪٽر عاصم خلاف 462 ارب رپين جي ڪرپشن جو الزام آهي، ڪرپشن ڪيس ۾ ڊاڪٽر عاصم ضمانت تي آزاد آهي.

ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي ڊاڪٽر عاصم چيو ته هو هڪ پاڪستاني آهي، عدالتن مان انصاف جي اميد رکي ٿو.

ٻئي طرف ڊاڪٽر عاصم پاران ٻاهرين ملڪ وڃڻ لاءِ سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪرائي آهي، ڊاڪٽر عاصم جي وڪيل ميڊيڪل گرائونڊ تي سندس نالو اي سي ايل مان نالو ڪڍرائڻ لاءِ درخواست جمع ڪرائي آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*