جاتي ۾ واهه مان نوجوان جو لاش هٿ آيو ، جنهن جي سڃاڻپ ميمڻ محلي جي رهواسي پورهيت طور ڪئي وئي آهي
جاتي ۾ واهه مان نوجوان جو لاش هٿ آيو ، جنهن جي سڃاڻپ ميمڻ محلي جي رهواسي پورهيت طور ڪئي وئي آهي.
جاتي جي پنڃاري واهه مان نوجوان جو لاش هٿ آيو ، جنهن کي پوليس ٻاهر ڪڍرائي جاتي جي تعلقي اسپتال منتقل ڪيو.
اسپتال ۾لاش جي سڃاڻپ درزي رحمت الله ميمڻ طور ڪئي وئي ، فوتي پورهيت شهر جي ميمڻ محلي جو رهواسي هو.
نوجوان جو لاش پوليس ضروري ڪارروائي کانپوءِ وارثن جي حوالي ڪيو، جيڪي لاش گهر کڻائي ويا،نوجوان جو لاش پهچڻ تي گهر ۾روڄ راڙو مچي ويو.
پوليس جو چوڻ آهي ته نوجوان جو موت ظاهري طورآپگھات جو واقعو نظر اچي ٿو ، پر موت جي سبب بابت حتمي طور پوسٽ مارٽم جي رپورٽ اچڻ بعد ڪجهه چئي سگهبو ………………..