وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته ضلعن ۾ هلندڙ ترقياتي منصوبا معياري طريقي سان وقت سر مڪمل ڪيا وڃن، جئين عوام کي فائدو ملي سگهي

cm

وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته ضلعن ۾ هلندڙ ترقياتي منصوبا معياري طريقي سان وقت سر مڪمل ڪيا وڃن، جئين عوام کي فائدو ملي سگهي.

وزيراعليٰ هائوس ڪراچي ۾ وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ ٺٽي ۽ سجاول ضلعن ۾ ترقياتي ڪمن بابت اجلاس ٿيو، جتي مختلف معاملن تي غور ويچار ڪيو ويو.

اجلاس کي خطاب ڪندي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته هو چاهي ٿو ته ترقياتي منصوبا سٺي نموني سان مڪمل ٿيڻ گهرجن،هاڻي ته مڪاني ادارا به اچي چڪا آهن.

هن چيو ته سنڌ حڪومت هلندڙ منصوبن لاءِ 80 سيڪڙو ۽ نون منصوبن لاءِ 20 سيڪڙو فنڊ جاري ڪري رهي آهي.

مراد علي شاهه چيو ته هلندڙ سال انهن منصوبن کي اهميت ڏيڻ گهرجي، جيڪي ايندڙ سال مڪمل ٿي وڃن، هاڻي وڌيڪ ڌيان ترقياتي ڪمن تي ڏيڻ چاهيان ٿو.

مراد علي شاهه وڌيڪ چيو ته هر ضلعي هيڊڪوارٽر شهر صاف شفاف هئڻ گهرجي، عوام کي سڀئي بنيادي سهولتون فراهم ڪيون وڃن.

اجلاس ۾ وڏي وزير کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ويو ته هن وقت ضلعن ۾ 161 ترقياتي منصوبن تي ڪم جاري آهي………………………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*