سڪرنڊ ۾ پسند پرڻي واري معاملي جي مبينا جرڳي ۾ ڪنڊياري واسڻ 11 سالن جي ٻارڙيءَ سڱ چٽي طور ڏني وئي آهي

kandiyaro

سڪرنڊ ۾ پسند پرڻي واري معاملي جي مبينا جرڳي ۾ ڪنڊياري واسڻ 11 سالن جي ٻارڙيءَ سڱ چٽي طور ڏني وئي آهي.

ڪنڊياري جي ڳوٺ خاش ماڇي واسي صدرالدين ماڇي سندس ڌيءَ کي سڱ چٽي ۾ ڏيڻ تي پريس ڪلب پهچي احتجاج ڪيو.

صدرالدين ماڇي جو چوڻ هو ته سندس پٽ سومر ۽ گل بانو ماڇي 22 ڏينهن پسند جو پرڻو ڪيو جنهن جو حيدرآباد واسي چڱي مڙس علي نواز ماڇي 4 ڏينهن اڳ سڪرنڊ ۾ جرڳو ڪيو.

هن ٻڌايو ته جرڳي ۾ سندس ڌيءَ 11 سالن جي ڪلثومه کي سڱ چٽي ۾ ڏيڻ جو فيصلو ٻڌايو، جنهن بعد مخالف ڌر وارا نينگري جي رخصتي لاءِ گهر پهچي آيا، جتان هو ڌيءَ سميت فرار ٿي ويو.

صدرالدين جو چوڻ هو ته هو ان فيصلي کي مڃڻ لاءِ ناهي، ساڻن انصافي ڪئي وئي آهي، هن احتجاج ڪندي اختيارين کان گهر ڪئي ته معاملي جي جاچ ڪري تحفظ ڏئي انصاف ڪيو وڃي…………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*