اڳوڻي صدر پرويز مشرف غيرقانوني اثاثن واري ڪيس جي حوالي سان لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ جواب جمع ڪرائي ڇڏيو آهي

pervaiz-musharaf-25616

اڳوڻي صدر پرويز مشرف غيرقانوني اثاثن واري ڪيس جي حوالي سان لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ جواب جمع ڪرائي ڇڏيو آهي.

جنرل (ر ) پرويز مشرف غيرقانوني اثاثن بابت ڪيس ۾ پنهنجي وڪيل اختر شاهه ذريعي ٻن صفحن تي ٻڌل جواب لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ جمع ڪرايو.

جواب ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته پرويز مشرف ڪڏهن به غيرقانوني اثاثا ناهن ٺاهيا.

لکت ۾ جمع ڪرايل جواب ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان يا پاڪستان کان ٻاهر سمورن اثاثن کي ڊڪليئر ڪيو ويو آهي.

ذريعن موجب، جسٽس مامون الرشيد 27 اپريل تي ڪيس جي ٻڌڻي ڪندو…………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*