پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف چيو آهي ته قوم سان مذاق نه ڪئي وڃي، زرداري صاحب چوي ٿو ته نواز شريف هر شئي پنهنجي کاتي ۾ وجهي ٿو

Shahbaz-sharif-81116

پنجاب جي وڏي وزير  شهباز شريف چيو آهي ته قوم سان مذاق نه ڪئي وڃي، زرداري صاحب چوي ٿو ته نواز شريف هر شئي پنهنجي کاتي ۾ وجهي ٿو، جيڪڏهن سي پيڪ اوهان جو هو ته چينين کي آڻي پيڙهه جو پٿر ڇو نه رکيو.

فيصل آباد ۾ چلڊرن اسپتال جي دوري دوران اڳوڻي صدر آصف زرداري جي تنقيد جو جواب ڏيندي شهباز شريف چيو ته جيڪڏهن سسي پيڪ اوهان جو هو ته چينين کي آڻي پيڙهه جو پٿر ڇو نه رکيو.

سندس چوڻ هو ته فيصل آباد جي شهرين لاءِ چلڊرين اسپتال تعمير ٿي رهي آهي،اسپتال 12 ارب رپين جي لاڳت سان مڪمل ٿيندي.

هن چيو ته برطانيا ۾ هاءِ ڪميشن کي ماهر ڊاڪٽرز اماڻڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي، اسپتال ۾ بهتر طبي سهولتون فراهم ڪيون وينديون.

پبنجاب جي وڏي وزير چيو ته پاڪستان جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ڀاڻ جي قيمت گهٽ ڪئي وئي آهي، ننڍن آبادگان کي 100 ارب رپين جا قرض به ڏنا پيا وڃن.

ميٽرو بس سروس جو اعلان ڪندي شهباز شريف چيو ته فيصل آباد ۾ آءِ ٽي يونيورسٽي ٺاهي ويندي.

هن چيو ته آصف زرداري چوي ٿو ته سي پيڪ بابت هن معاهدو ڪيو هو، زرداري صاحب، عوام کي سڀ خبر آهي.

شهباز شريف چيو ته آصف زرداري به چوي ٿو ته گوادر منصوبو پيپلزپارٽي جو آهي، توهان کي سي پيڪ منصوبي جو پيڙهه جو پٿر رکڻ ڇو وسري ويو………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*