پاڪستان ڪلڀوشن ياديو کي ڦاهي ڏيڻ واري سزا ۽ ڀارتي مداخلت واري معاملي تي نئون دستاويز تيار ڪري ورتو

bharat devid

پاڪستان ڪلڀوشن ياديو کي ڦاهي ڏيڻ واري سزا ۽ ڀارتي مداخلت واري معاملي تي نئون دستاويز تيار ڪري ورتو، ڊوزئير گڏيل قومن سميت عالمي ادارن ۽ پاڪستان ۾ مقرر غير ملڪي سفيرن کي ڏنو ويندو.

ذريعن موجب، پاڪستان نئون ڊوزئير تيار ڪري ورتو آهي، ڊوزئير ۾ پاڪستان ۾ ڀارتي مداخلت جون وڌيڪ شاهديون شامل آهن.

ذريعن موجب، ڊوزئير ۾ ڪلڀوشن ياديو جي اعتراي بيان سميت عدالتي بيان به شامل ڪيا ويا، ڪورٽ مارشل جنرل جي فيصلي جي تصديق ٿيل ڪاپي به ڊوزئير ۾ شامل ڪئي وئي آهي.

ڪلڀوشن ياديو کي پاڪستان مخالف سرگرمين جي ٽائم لائن به ڊوزئير جو حصو آهي، سندس معلومات تي ٿيل ڪاررواين ۽ گرفتارين جا تفصيل به ڊوزئر ۾ مووجود آهن.

ذريعن موجب، دستاويز گڏيل قومن، عالمي ادارن ڏانهن اماڻيا ويندا، پاڪستان ۾ مقرر غير ملڪي سفيرن کي به ڊوزئير ڏنو ويندو………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*