سنڌ کي بجلي، پاڻي ۽ گيس نه ملڻ خلاف پ پ پاران سنڌ ۾ احتجاجي تحريڪ شروع ڪئي وئي آهي

nisar khoro ppp

سنڌ کي بجلي، پاڻي ۽ گيس نه ملڻ خلاف پ پ پاران سنڌ ۾  احتجاجي تحريڪ شروع ڪئي وئي آهي، جنهن تحت بدين ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو، پ پ سنڌ جي صدر نثار کهڙي چيو آهي ته وفاق پاران سنڌ جي وڏي وزير کي ڌمڪيون ملي رهيون آهن، جيڪڏهن ڌمڪين جو سلسلو بند نه ٿيو ته سنڌ اسيمبلي جا ميمبر استعيفا ڏيندا.

سنڌ کي بجلي، پاڻي ۽ گيس نه ملڻ خلاف پ پ پاران  بدين ۾ نثار احمد کهڙو جي اڳواڻي احتجاجي مظاهرو ڪري  ڊي سي چوڪ تي ڌرڻو هنيو ويو، جنهن ۾  ڊاڪٽر سڪندر منڌرو، سينيٽر عاجز ڌامراهه ۽ ٻين اڳواڻن شرڪت ڪئي.

پيپلزپارٽي جي  اڳواڻن ۽ ڪارڪنن پاران ڊي سي چوڪ تي هنيل ڌرڻي ۾ وفاق خلاف نعريبازي ڪندي سنڌ کي بجلي، پاڻي ۽ گيس ڏيڻ جو مطالبو ڪيو ويو.

ڌرڻي کي خطاب ڪندي نثار کهڙي چيو ته وفاق سنڌ جي حقن تي ڌاڙو هڻي رهيو آهي ۽ وفاق پاران وڏي وزير مراد علي شاهه کي ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن.

هن چيو ته ليگي وزيرن پنهنجي زبان بند نه ڪئي ته سندن ڪرتوت پڌرا ڪنداسين .

نثار کهڙي چيو ته پاناما ليڪس ڪيس جو فيصلو اچڻ گهرجي ، اسان کي شهيد بينظير ڀٽو ۽ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي قتل خلاف ريفرنسز ۾ اڃا تائين انصاف نه مليو آهي.

پ پ سنڌ جي صدر  چيو ته نواز شريف کي سنڌ جو ڏک آهي ته سنڌ جي گيس ۽ بجلي  ڇو بند ڪئي اٿس .

نثار کهڙي آصف زرداري جي گرفتار  ساٿين کي آزاد ڪرڻ جو مطالبو ڪندي چيو ته  وفاق پاران سنڌ جي وڏي وزير کي ملندڙ ڌمڪين جو  سلسلو بند نه ٿيو ته سنڌ اسيمبلي جا ميمبر استعيفا ڏيندا.

پ پ سينيٽر عاجز ڌامراهه ڌرڻي کي خطاب ڪندي چيو ته نون ليگ کي سنڌ ۾ ووٽ نه ملڻ سبب سنڌ جي بجلي ۽ گيس بند ڪئي وئي آهي.

هن چيو ته وڏي وزير مراد علي شاهه سنڌ جو ڪيس وفاق آڏو رکيو آهي ۽  سنڌ جو عوام وڏي وزير سان گڏ آهي .

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*