آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجا چيو آهي ته ايسٽر ڏڻ موقعي تي پوري صوبي ۾گهرجا گهرن جي سڪيورٽي لاءِ انتظام سخت ڪيا وڃن

Ig-Sindh-AD-Khuwaja-17317

آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجا چيو آهي ته ايسٽر ڏڻ موقعي تي پوري صوبي ۾گهرجا گهرن جي سڪيورٽي لاءِ انتظام سخت ڪيا وڃن، اڄ رات کان ئي گهرجا گهرن جي سيڪيورٽي لاءِ قدم کنيا وڃن.

 آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجا جاري ڪيل بيان ۾ چيو ته ڪراچي ۾ خاص طور گهرجا گهرن جي سڪيورٽي سخت ڪئي وڃي، چيڪنگ ۽ سرچنگ واري عمل کي وڌيڪ بهتر بڻايو وڃي.

هن چيو ته ايسٽر ڏڻ جي موقعي تي سڀئي ڊي آءِ جيز ۽ ايس ايس پيز پنهنجن علائقن ۾ سڪيورٽي انتظامن جي پاڻ نگراني ڪن.

آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجا وڌيڪ چيو ته پوليس پيٽرولنگ ۽ پڪٽنگ ۾ چيڪنگ سميت گهرجا گهرن جي آسپاس سڪيورٽي انتظام سخت ڪيا وڃن.

ٻئي طرف پوليس ترجمان چيو ته شهري ڪنهن به قسم جي شڪي سرگرمين ۽ شڪي سامان بابت پوليس کي اطلاعن ڪن…………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*