ولي خان يونيورسٽي ۾ قتل ٿيل شاگرد مشعال جي ڪيس ۾ گرفتار 8 جوابدار 4 ڏينهن جي جسماني ريمانڊ تي پوليس حوالي ڪيا ويا آهن

peshawar-highi-court

ولي خان يونيورسٽي ۾ قتل ٿيل شاگرد مشعال جي ڪيس ۾ گرفتار 8 جوابدار 4 ڏينهن جي جسماني ريمانڊ تي پوليس حوالي ڪيا ويا آهن، پشاور هاءِ ڪورٽ به قتل جي جوڊيشنل انڪوائري لاءِ ڪميٽي جوڙي ڇڏي.

شاگرد جي قتل ڪيس ۾ گرفتار 12  شاگرن مان 8 ڄڻن کي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ پيش ڪيو  ويو.

عدالت گرفتار شاگردن کي 4 ڏينهن جي ريمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو.

پوليس جو چوڻ آهي ته پوسٽ مارٽم رپورٽ موجب، شاگرد جو موت گوليون لڳڻ سبب ٿيو آهي.

عبدالولي خان يونيورسٽي ۾ نوجوان تي تشدد ۽ قتل واري واقعي بعد پوليس ايف آءِ آر ۾ نامزد 12 شاگردن کي گرفتار ڪري ورتو آهي.

پوليس جو چوڻ آهي ته  شاگرد مشعال جي قتل واري واقعي جي جاچ جي حوالي سان  هڪ سئو ڄڻن کي گرفتار ڪيو ويو آهي.

پوليس جو چوڻ آهي ته پوسٽ مارٽم ۾ شاگرد مشعال جو موت جو گوليون لڳڻ سبب ٿيو آهي، ايف آءِ آر ۾ نامزد جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ لاءِ ڪارروائي ڪئي پئي وڃي.

اسپتال ذريعن موجب، مشعال جي جسم تي 2 گولين جا نشان آهن.

ڪي پي جي وڏي وزير پرويز خٽڪ جوڊيشنل انڪوائري جي سمري تي صحيح ڪري ڇڏي، جنهن کي پشاور هاءِ ڪورٽ جي رجسٽرار ڏانهن موڪليو هو، جنهن بعد پشاور هاءِ ڪورٽ جوڊيشل انڪوائري لاءِ ٽيم جوڙي ڇڏي.

ڪي پي جي ترجمان مشتاق غني چيو آهي ته شاگرد مشعال جي قتل واري معاملي جي جوڊيشيل جاچ ڪرائي ويندي.

يونيورسٽي انتظاميه طرفان چيو ويو آهي ته ڪميٽي جوڙڻ جو فيصلو مڇريل شاگردن کي روڪڻ لاءِ ڪيو ويو، ڪميٽي جوڙڻ بابت صرف فيصلو ٿيو هو.

فياض علي شاهه چيو ته يونيورسٽي جو جاري ٿيل نوٽيفيڪيشن هنن جاري ناهي ڪيو،  نوٽيفڪيشن ۾ کوڙ ساريون غلطيون هيون.

فياض علي شاهه چيو ته نوٽيفيڪيشن اسسٽنٽ رجسٽرار جي صحيح سان جاري ٿيو،، جنهن بابت رجسٽرار ۽ کيس ڪا به ڄاڻ نه آهي………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*