جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي سينيٽ چيئرمين جي ناراضگي جائز آهي، رضا رباني ڪم بند ڪري جرتمداڻو فيصلو ڪيو آهي

molana-fazal-rahman12-8

جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي سينيٽ چيئرمين جي ناراضگي جائز آهي، رضا رباني ڪم بند ڪري جرتمداڻو فيصلو ڪيو آهي.

تلاگانگ ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي مولانا فضل الرحمان چيو ته رضا رباني سنيٽ چيئرمين طور ڪم نه ڪرڻ جو فيصلو ڪري انتهائي سٺو قدم کنيو آهي.

مولانا فضل الرحمان چيو ته آمريڪا دنيا ۾ دهشتگردي پکيڙي رهيو آهي، عالمي برادري افغانستان ۾ آمريڪي ڌماڪن جو نوٽيس وٺي.

هن وڌيڪ چيو ته ڀارتي ايجنٽ ڪلڀوشن قانون موجب ڦاسي ڏيڻ گهرجي، حڪومت ۽ پارليامينٽ ان معاملي تي سنجدگي سان غور ڪرڻ گهرجي.

مولانا فضل الرحمان جو وڌيڪ چوڻ هو ته راحيل شريف کي اسلامي اتحادي فوج جو سربراهه مقرر ڪرڻ خوشي جي ڳالهه آهي، اسلامي فوجي اتحاد مان بهتري جي اميد آهي…………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*