اسلام آباد ايئرپورٽ تي ڊنمارڪ ڏانهن ويندڙ پي آءِ اي جي اڏام ۾ ڏند چڪ ڏيڻ تان ايف آءِ اي جي عورت اهلڪارن ٻن مسافر عورتن کي مبينا تشدد جو نشانو بڻايو

isb airport

اسلام آباد ايئرپورٽ تي ڊنمارڪ ڏانهن ويندڙ پي آءِ اي جي اڏام ۾ ڏند چڪ ڏيڻ تان ايف آءِ اي جي عورت اهلڪارن ٻن مسافر عورتن کي مبينا تشدد جو نشانو بڻايو، جنهن دوران هڪ عورت جي حالت خراب ٿي وئي، مسافرن جو چوڻ آهي ته واش روم ۾ ٽشو پيپر نه هئڻ جي شڪايت ڪرڻ تان مسافر عورتن تي تشدد ڪيو ويو.

اسلام آباد جي بينظير  ايئرپورٽ تي ڊنمارڪ ڏانهن ويندڙ پي آءِ اي جي اڏام ۾ ڏند چڪ تان ايف آءِ اي جي عورت اهلڪارن ٻن مسافر عورتن کي مبينا تشدد جو نشانو بڻايو، جنهن دوران هڪ عورت جي حالت خراب ٿيڻ سبب ان کي اسپتال منتقل ڪيو ويو.

مسافرن جو چوڻ آهي ته واش روم ۾ ٽشو پيپر نه هئڻ جي شڪايت ڪرڻ تان  ايف آءِ اي جي عورت اهلڪارن مسافر عورتن تي تشدد ڪيو .

 ايف آءِ اي عملدارن جو چوڻ آهي ته ٻنهي مسافر عورتن جي تلاشي ورتي پئي وئي ته هنن تشدد ٿيڻ جو ڊرامو ڪيو.

ذريعن موجب ايف آءِ اي جي ڊائريڪٽر مظهر ڪاڪا خيل واقعي جي انڪوائري جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*