پ پ سينيٽر سعيد غني چيو آهي ته،گئس جي معاملي تي وڏي وزير مراد علي شاهه جو موقف صحيح آهي

Saeed-Ghani-181116

پ پ سينيٽر سعيد غني چيو آهي ته،گئس جي معاملي تي وڏي وزير مراد علي شاهه جو موقف صحيح آهي، گئس نه ملي ته پائپ لائن جو ڪنٽرول سنڀاليندي دير نه ڪنداسين، پاناما شريفن کي بي نقاب ڪري ڇڏيو آهي.

اسلام آباد ۾ هڪ تقريب کي خطاب ڪندي سينيٽر سعيد غني چيو ته، شريف خاندان ڪرپشن جا ايجاد ڪندڙ آهن ۽ هو ڪوڙن جي ناني آهي.

هن چيو ته، وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جو گئس معاملي تي موقف بلڪل صحيح نه آهي، نواز حڪومت سنڌ کان حقن کان محروم ڪري رهي آهي،سنڌ کي گئس نه ڏيڻ صوبي کان پلاند وٺڻ جي برابر آهي.

سندس چوڻ هو ته، آصف زرداري تي الزام لڳائيندڙ پهريان پنهنجو منهن ڏسن، نواز شريف جي عادت آهي هو جڏهن ته اقتدار ۾ ايندو آهي  ته سنڌ سندس نشان تي هوندي آهي.

سعيد غني چيو ته، نوازشريف کي پنهنجي ڪرڻ نه ڏينداسين، گئس نه ملي ته پائپ لائن جو ڪنٽرول سنڀاليندي دير نه  ڪنداسين…………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*