پ پ سينيٽر شيري رحمان چيو آهي ته رضا رباني پاران احتجاج جو فيصلو اصول تي ٻڌل آهي

sherry rehman

پ پ سينيٽر شيري رحمان چيو آهي ته رضا رباني پاران احتجاج جو فيصلو اصول تي ٻڌل آهي، حڪومت ڪيترن ئي مهينن کان سينيٽ جو تقدس پائمال ڪندي رهي آهي، گم ٿيل ماڻهن جو معاملو سينيٽ چيرمين سان نه جوڙيو وڃي.

اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي پ پ سينيٽر شيري رحمان ته حڪومت سينيٽ کي مفلوج ڪيو، جنهن تي سينيٽ چيرمين  رضا رباني احتجاج جو فيصلو ڪيو.

هن چيو ته رضا رباني جو  قدم اصول تي ٻڌل آهي، ان ڪري پوري سينيٽ ساڻس گڏ بيٺي آهي.

سندس چوڻ هو ته حڪومت ڪيترن ئي مهينن کان سينيٽ جو تقدس پائمال ڪندي رهي آهي، وزيراعظم ۽ وزير سينيٽ ۾ نه پئي آيا ،سينيٽرز پاران اٿاريل سوالن جا جواب به نه پئي مليا.

شيري رحمان چيو ته گم ٿيل ماڻهن جو معاملو سينيٽ چيرمين جي احتجاج  سان نه جوڙيو وڃي.

هن چيو ته ضياءُ الحق ملڪ ۾ انتها پسندي کي هٿي ڏني، ملڪ ۾ عورتن سان گڏ اقليتن کي به انتهاپسندي کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*