شڪارپور سانحي جي 56 شهيدن جي جنازي نماز اڄ 12 وڳي ادا ڪئي ويندي

شڪارپور سانحي جي 16 زخمين جو ڪراچي جي مختلف اسپتال ۾ اعلاج جاري آهي، جڏهن ته سانحي جي 56 شهيدن جي 12 وڳي اجتماعي جنازي نماز ادا ڪئي ويندي، واقعي خلاف سنڌ جي اڪثر شهر ۾ شٽربند هڙتال ڪري احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا آهن

شڪارپور سانحي جي 16 سخت زخمين کي گذريل رات سي ون ٿرٽي جهاز ذريعي ڪراچي منتقل ڪرڻ بعد آغا خان ۽ ٻين اسپتالن ۾ داخل ڪرايو ويو.

شڪارپرو سانحي خلاف ڪراچي سميت سنڌ جي اڪثر شهر ۾ هڙتال ڪري احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا آهن.

شڪارپور سانحي جي 37 زخمين کي شڪارپور، لاڙڪاڻي ۽ سکر جي مختلف اسپتالن ۾ پهچايو ويو، جتي وري 16 زخمين جي حالت انتهائي نازڪ ٻڌائي پئي وڃي.

انهن 16 ئي زخمين کي سي ون ٿرٽي جهاز ذريعي سکر کان ڪراچي پهچايو ويو، جن کي ڪراچي جي آغا خان اسپتال سميت مختلف اسپتالن ۾ داخل ڪرايو ويو آهي.

ڪراچي جي ڪمشنر شعيب صديقي جو چوڻ آهي ته شڪارپور سانحو افسوسناڪ آهي، پاڪ فوج ۽ ٻين سڪيورٽي ادارن زخمين جي منتقلي ۾ مدد ڪئي آهي.

ڪمشنر جو چوڻ آهي ته زخمين کي مختلف اسپتالن ۾ داخل ڪرايو ويو آهي، جتي سندن معياري علاج ڪرايو ويندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*