وڏي وزير قائم علي شاهه پاران شڪارپور ڌماڪي جي متاثر امام بارگاهه جو دورو شهيدن جي وارثن لاءِ معاوضي جو اعلان

وڏي وزير قائم علي شاهه شڪارپور پهچي دهشتگردي جو نشانو بڻايل مسجد ۽ امام بارگاهه جو دورو ڪيو، وڏي وزير شهيدن جي وارثن لاءِ 20 – 20 لک ۽ زخمين لاءِ ٻه ٻه لک رپيا معاوضي جو اعلان ڪندي چيو آهي ته سنڌ پر امن صوبو هو پر دهشتگردن حملو ڪري چئلينج ڪيو آهي، جيڪو کين قبول آهي.

وڏو وزير قائم علي شاهه، قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر خورشيد شاهه، ايم اين اي آفتاب شعبان ميراڻي، صحت واري وزير ڄام مهتاب ڏهر، اسپيڪر سراج دراني ۽ ٻين سان گڏجي شڪارپور ۾ ڌماڪي جي متاثر مسجد ۽ امام بارگاهه جو دورو ڪيو ۽ ڌماڪي بابت بريفنگ ورتي.

وڏي وزير ميڊيا سان ڳالهائيندي سانحي جي شهيدن جي وارثن کي 20- 20 لک ۽ سخت زخمين کي ٻه ٻه لک رپيا معاوضو ڏيڻ جو اعلان ڪيو ۽ چيو ته سانحي تي اڄ سوڳ ملهايو ويندو.

قائم علي شاهه چيو ته آءِ جي سنڌ کي ڌماڪي جي جاچ لاءِ اسپيشل ٽيم جوڙڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي، سانحي ۾ ملوث قوتون کي وائکو ڪيو ويندو.

قائم علي شاهه چيو ته سنڌ پر امن صوبو هو، پر دهشتگردن ڪڌي ڪارروائي ڪري چئلينج ڏنو آهي، جنهن کي هو قبول ڪن ٿا.

وڏي وزير چيو ته سنڌ حڪومت وٽ دهشتگردي کي منهن ڏيڻ لاءِ صلاحيتون موجود آهن، دهشتگردي جو ڀرپور نموني مقابلو ڪيو ويندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*