ڊي جي آءِ ايس پي آر ميجر جنرل آصف غفور چيو آهي ته حيدرآباد واسي شاگردياڻي نورين لغاري کي 14 اپريل تي لاهور مان بازياب ڪرايو ويو

Asif-Gahfoor-31117

ڊي جي آءِ ايس پي آر ميجر جنرل آصف غفور چيو آهي ته  حيدرآباد واسي شاگردياڻي نورين لغاري کي 14 اپريل تي لاهور مان بازياب ڪرايو ويو، هوءِ شام نه وئي هئي، بريفنگ دوران صحافين کي نورين جو وڊيو بيان پڻ ڏيکاريو ويو، جنهن ۾ نورين چيو آهي ته کيس اغوا نه ڪيو ويو هو.

روالپنڊي ۾ ميڊيا کي بريفنگ دوران ڊي جي آءِ ايس پي آر ميجر جنرل آصف غفور چيو ته  حيدرآباد واسي شاگردياڻي نورين لغاري کي 14 اپريل تي لاهور مان بازياب ڪرايو ويو.

هن چيو ته نورين ڪڏهن شام نه وئي هئي، چاهيون ٿا ته  نورين گهر وڃي معمول واري زندگي گذاري.

بريفنگ دوران صحافين کي نورين جو وڊيو بيان پڻ ڏيکاريو ويو، جنهن ۾ نورين چيو ته هو پنهنجي مرضي سان لاهور وئي هئي.

هن چيو ته کيس اغوا نه ڪيو ويو هو پر  کيس آپگهاتي حملي ۾ استعمال ڪيو وڃي ها.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*