محرابپور ۾ شاهه عبداللطيف يونيورسٽي جي پوائنٽ تي حملي خلاف شاگردن پاران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو

mehrab pur

 محرابپور  ۾ شاهه عبداللطيف يونيورسٽي جي پوائنٽ تي حملي خلاف شاگردن پاران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

شاگردن باسط سومرو، يوسف ڀٽي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ٿاڻي آڏو احتجاجي مظاهرو  ڪري نعريبازي ڪئي.

ان موقعي تي  احتجاج ڪندڙن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته هٿياربندن شاهه عبداللطيف يونيورسٽي جي پوائنٽ تي حملو ڪري ڊرائيور  ۽ ڪلينر کي تشدد  جو  نشانو  بڻايو آهي.

هنن چيو ته واقعي بعد پوليس هٿياربندن جي گرفتاري لاءِ ڪو به قدم نه کنيو آهي.

احتجاج ڪندڙن مطالبو ڪيو ته هٿياربندن کي گرفتار ڪري کين انصاف فراهم ڪيو وڃي،………….

 محرابپور کان شاهه لطيف يونيورسٽي خيرپور شاگردن کي کڻي ويندڙ پوائنٽ بس کي محرابپور ڀرسان ڳوٺ عامر وٽ جوابدارن روڪي بس جي ڊرائيور يوسف شيخ ۽ ڪلينڊر عباس کي هيٺ لاهي سخت مار ڪٽ تشدد جو نشانو بڻائي فرار ٿي ويا جڏهن ته واقعي خلاف شاگردن پاران محمد يوسف ڀٽي، صبقت الله ميمڻ، جنسار سومراه، باسط سومرو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري پوليس ٿاڻي جي گيٽ آڏو ڌرڻو هڻي جوابدارن جي گرفتاري لاءِ سخت نعريبازي ڪئي ان موقعي تي شاگردن دانهيندي چيو ته علائقي جي بااثر جوابدارن احسان عامر ۽ ٻين شاگردن جي پوائنٽ بس کي يرغمال بڻائي بس جي ڊرائيور ۽ ڪلينڊر کي بنا جواز سخت تشدد جو نشانو بڻايو آهي هنن چيو ته جوابدارن کي فورن گرفتار ڪري شاگردن کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو ٻئي پاسي محرابپور پوليس واقعي جي ابتدائي رپورٽ داخل ڪري ورتي آهي آخري اطلاعن موجب ڪا به گرفتاري عمل ۾ اچي نه سگهي آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*