بدين ۾ آبادگارن لڳاتار ٽن مهينن کان پاڻي جي کوٽ خلاف احتجاج ڪيو، آبادگارن جو چوڻ آهي

badin abadgar pro

بدين ۾ آبادگارن  لڳاتار ٽن مهينن کان پاڻي جي کوٽ خلاف احتجاج ڪيو، آبادگارن جو چوڻ آهي ته منٺار واهه ۾ پاڻي جي کوٽ سبب سندن فصل سڙي تباهه ٿي ويا آهن۽ چوپايو مال اڃ مري رهيو آهي.

پريس ڪلب اڳيان آبادگارن نويد ميمڻ، اقبال ملاح، بشير کوسي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪري پاڻي فراهم ڪرڻ جي گهر ڪئي.

ان موقعي تي آبادگار اڳواڻن چيو ته ٽن

  مهينن کان منٺار واهه ۾ پاڻي جي کوٽ  سبب سندن فصل سڪي تباهه ٿي ويا آهن.

هنن ٻڌايو ته پاڻي جي کوٽ سبب هڪ طرف زرعي زمين بنجر بڻجي رهي آهي ته ٻئي طرف وري چوپايو مال اڃ مري رهيو آهي.

آبادگارن سنڌ سرڪار کان گهر ڪئي آهي ته منٺار واهه جي آبادگارن کي پاڻي ڏنو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*