موجوده اختيارن موجب تلاشي، گرفتاري ۽ آپريشن ڪرڻ جو اختيار نه آهي، اهڙا اختيار 15 اپريل تي ختم ٿي چڪا آهن, رينجرز ترجمان

Rangers-17417

رينجرز وٽ آرٽيڪل 147 تحت اختيار موجود آهن، رينجرز ترجمان چيو آهي ته موجوده اختيارن موجب تلاشي، گرفتاري ۽ آپريشن ڪرڻ جو اختيار نه آهي، اهڙا اختيار 15 اپريل تي ختم ٿي چڪا آهن.

رينجرز ترجمان موجب، دهشتگردي ايڪٽ 1997 جي سيڪشن 4 ۽ سب سيڪشن 3 جي ضمني سيڪشن هڪ تحت، جيڪي اختيار رينجرز کي مليل هئا، اُهي اختيار 15 اپريل تي ختم ٿي ويا آهن.

اهڙا اختيار ختم ٿيڻ کانپوءِ رينجرز پاڻمرادو يا آزاداڻي نموني سان آپريشن، تلاشي وٺڻ يا ڪا ٻي ڪارروائي نه ٿي ڪري سگهي.

ترجمان جو چوڻ آهي ته هن وقت رينجرز وٽ آرٽيڪل 47 تحت اختيار موجود آهن، جنهن مطابق انتهائي هنگامي صورتحال، آپريشن يا ضرورت پوڻ تي پوليس اختيارين يا ضلعي انتظاميا پاران گهرائڻ تي انهن جي مدد ڪندي……

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*