سينيٽ چيرمين رضا رباني پاران اجلاس ۾ وزيرن جي غير موجودگي تي احتجاج طور ذميواريون ڇڏڻ کان پوءِ پهريون ڀيرو سينيٽ جو اجلاس سندس صدارت هيٺ شروع ٿيو

senate-pakistan-11-8

سينيٽ چيرمين رضا رباني پاران اجلاس ۾ وزيرن جي غير موجودگي تي احتجاج طور ذميواريون ڇڏڻ کان پوءِ پهريون ڀيرو سينيٽ جو اجلاس سندس صدارت هيٺ شروع ٿيو ته اپوزيشن توڙي  سرڪاري ڌر پاران ديسڪون وڄائي سندس آجيان ڪئي وئي، رضا رباني چيو آهي ته وزيرن جي غير حاضري تي وزيراعظم پاران يقين ڏياريو ويوآهي، سوالن جا جواب نه اچڻ تي حڪومت آڏو  معاملو اٿاريو ويندو.

سينيٽ چيرمين رضا رباني اجلاس جي صدارت ڪرڻ لاءِ ايوان ۾ پهتو ته حڪومت توڙي مخالف ڌر جي سينيٽرز ڊيسڪون وڄائي سندس استقبال ڪيو.

اجلاس ۾ قانون وارو وزير زاهد حامد، مملڪتي وزير بليغ الرحمان، مذهبي معاملن وارو وزير سردار يوسف شرڪت ڪئي، جڏهن ته قائد ايوان راجا ظفر الحق اجلاس جي صدارت ڪرڻ تي رضا رباني کي مبارڪ ڏني.

اجلاس کي خطاب ڪندي رضا رباني چيو ته سندس احتجاج ڪو سياسي ڊرامو نه هو، شروع کان ئي ايوان جو وقار برقرار رکڻ جي ڪوشش ڪئي پر حڪومتي روئي سبب احتجاج ڪر ڻ تي مجبور ٿيس.

رضا رباني چيو ته حڪومت پارليامينٽ کي سنجيدگي سان وٺي، اسان مشرف جي دور ۾ پارليامينٽ هائوس آڏو ڌرڻا هنيا آهن.

هن چيو ته وزيرن جي غير حاضري تي وزيراعظم پاران يقين ڏياريو ويوآهي، سوالن جا جواب نه اچڻ تي حڪومت آڏو  معاملو اٿاريو ويندو.

رضا رباني چيو ته سينيٽ اختيارين ۾ واڌ ڪرڻ لاءِ ڳالهين جي شروعات ٿي آهي، تعاون ڪرڻ تي سينيٽ ميمبرن جو ٿورائتو آهيان.

رضا رباني چيو ته حمايت ڪرڻ تي آصف زرداري، عمران خان، فضل الرحمان، اسفند يارولي ۽ ٻين اڳواڻن جو به ٿورائتو آهيان.

سينيٽ چيرمين چيو ته  ايران جو دورو نه ڪرڻ تي ايران جي اسپيڪر سان معذرت ٿو ڪيان.

رضا رباني چيو ته  ان وقت جي صورتحال سبب ايران  جو دورو ڪرڻ ممڪن نه هو سنيٽ پاران ايران جي اسپيڪر کي پاڪستان جو دورو ڪرڻ جي دعوت ڏني ويندي………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*