پارليامينٽ جي صورتحال بابت حڪومتي رويي مان لڳي ٿو ته اها ايوان هلائڻ نٿي چاهي، اپوزيشن ليڊر خورشيد شاهه

khursheed shah isb

اپوزيشن ليڊر خورشيد شاهه چيو آهي ته پارليامينٽ جي صورتحال بابت حڪومتي رويي مان لڳي ٿو ته اها ايوان هلائڻ نٿي چاهي، ايوان جي تقدس جو خيال نه رکيو ويندو ته ايوان به خيال نه رکندا.

قومي اسيمبلي ۾ ڳالهائيندي اپوزيشن ليڊر خورشيد شاهه چيو ته پارليامينٽ ۾ 200 ڀيرا ڪورم جي نشاندهي ڪئي وئي ۽ 120 ڀيرا ڪورم ٽٽو، ڪورم ٽٽڻ سان ايوان جو تقدس مجروح ٿئي ٿو.

اپوزيشن ليڊر چيو ته پارليامينٽ جي پاس ٿيل قانونن تي عمل ڪيو وڃي، اسان جي ترميم تي عملدرآمد نه ٿيو ته اها پارليامينٽ جي توهين هوندي.

خورشيد شاهه چيو ته حڪومت اسان جي ڳالهين جو جواب نه پئي ڏئي، وزير اعظم کي اڄ ايوان ۾ اچڻ گهربو هو پر هو ناهي آيو.

سندس چوڻ هو ته ايوان جي صورتحال بابت حڪومتي رويي مان لڳي رهيو آهي ته اها ايوان هلائڻ نٿي چاهي، ايوانن جي تقدس جو خيال نه رکيو ويندو ته ايوان به خيال نه رکندا.

هن چيو ته حڪومت خلاف باهه دکي رهي آهي، اسان جا ماڻهو کنيا ويا آهن، پر اسان کي ڪير به جواب ڏيڻ جي لاءِ تيار ناهي……

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*