وزيراعظم نوازشريف سان سلامتي بابت امريڪي صدر ڊونالڊ ٽرمپ جي صلاحڪار ميڪ ماسٽر ملاقات ڪئي ۽ کيس ڊونالڊ ٽرمپ جو پيغام به پهچايو

Lieutenant-General-H.R-McMaster,-the-US-National-Security--Nawaz-sharif-meet-17417

وزيراعظم نوازشريف سان سلامتي بابت امريڪي صدر ڊونالڊ ٽرمپ جي صلاحڪار ميڪ ماسٽر ملاقات ڪئي ۽ کيس ڊونالڊ ٽرمپ جو پيغام به پهچايو، وزيراعظم نوازشريف چيو آهي ته، افغانستان جي خراب ٿيندڙ صورتحال تي ڳڻتي آهي،ڀارت سان ڪشمير مسئلي سميت سمورن حل طلب ڳالهيون چاهيون ٿا، امريڪا سان گڏجي ڪم ڪرڻ لاءِ  تيار آهيون.

سلامتي بابت امريڪي صدر ڊونالڊ ٽرمپ جي صلاحڪار ميڪ ماسٽر وزيراعظم هائوس ۾ وزيراعظم نواز شريف سان ملاقات ڪئي ۽ کيس صدر ڊونالڊٽرمپ جيو پيغام پهچايو.

امريڪي صدر پنهنجي پيغام ۾  چيو ته، امريڪي انتظاميا پاڪستان سان رابطن کي مضبوط ڏسڻ چاهي ٿي ۽ افغانستان ۾ امن ۽ سگهه لاءِ پرڳڻي جي سلامتي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ چاهيون ٿا.

ان موقعي تي وزيراعظم نوازشريف امريڪي عملدار کي ملڪي سلامتي  لاءِ کنيل قدمن بابت آگاهه ڪيو ۽ چيو ته پاڪستان امريڪا سان وڏي پئماني تي واپاري لاڳاپا بهتر ڪرڻ جو خواهشمند آهي.

وزيراعظم چيو ته، اسانکي افغانستان جي خراب ٿيندڙ صورتحال تي ڳڻتي آهي ۽ پاڪستان افغانستان جي بحران جي حل  لاءِ عالمي برادري سان گڏ آهي،ڀارت سان ڪشمير مسئلي سميت سمورن حل طلب معاملن تي جٽادار ڳالهيون چاهيون ٿا.

 وزيراعظم امريڪي عملدارن سان مخاطب ٿيندي چيو ته،پاڪستان ٽرمپ جي ڪشمير مسئلي جي حل ۾ ڪردار ادا ڪرڻ جي بيان جي آجيان ڪري ٿو.

هن چيو ته، خطي ۾ امن وڌائڻ لاءِ امريڪي انتظاميا سان گڏجي ڪم ڪرڻ لاءِ تيار آهيون………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*