عمران خان وزيراعظم ٿيڻ جا خواب ڏسي رهيو آهي، ايندڙ اليڪشن ۾ عمران خان جي ٻلَي کي درياءَ ۾ٻوڙينداسين،عوامي نيشنل پارٽي جي سربراه اسفند يار ولي

Asfaryarwali-ANP-17417

عوامي نيشنل پارٽي جي سربراه اسفند يار ولي چيو آهي ته، عمران خان وزيراعظم ٿيڻ جا خواب ڏسي رهيو آهي، ايندڙ اليڪشن ۾ عمران خان جي ٻلَي کي درياءَ ۾ٻوڙينداسين، افغانستان جي مستقبل جو فيصلو پاڪستان کانسواءِ ناممڪن آهي.

نوشهره ۾ جلسي کي خطاب ڪندي اسفند يار ولي چيو ته پاڪستان ۽ ۽ افغانستان غلط فهميون ختم ڪن، ٻنهي ملڪن کي بهتر لاڳاپا قائم ڪرڻ گهرجن.

اسفند يار ولي چيو ته افغانستان جي مستقبل جو فيصلو پاڪستان کانسواءِ ناممڪن آهي، ٻئي ملڪ غلط فهمين کان پاسو ڪن ۽ ماضي جيان بهتر لاڳاپا بڻائين.

هن چيو ته عمران خان وزيراعظم ٿيڻ جا خواب ڏسي رهيو آهي، ايندڙ اليڪشن ۾ عمران خان جي ٻلَي کي درياءَ ۾ٻوڙينداسين.

اسفند يار ولي وڌيڪ چيو ته عمران خان ڪرپشن جا الزام هڻي رهيو آهي اسان جي پارٽي جي ڪنهن به وزير يا ميمبر تي ڪرپشن ثابت ٿي ته سياست ڇڏي ڏيندس………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*