شڪارپور سانحي خلاف وحدت المسلمين جي سڏ تي ڪراچي سميت سنڌ جي اڪثر شهرن ۾ شٽر بند هڙتال احتجاجي مظاهرا

شڪارپور سانحي خلاف وحدت المسلمين، شيعا علما ڪائونسل ۽ ڪيو اي ٽي جي سڏ تي ڪراچي سميت سنڌ جي اڪثر شهرن ۾ شٽر بند هڙتال آهي، جڏهن ته شڪارپور، حيدرآباد، ميرپور خاص لاڙڪاڻو سميت مختلف شهرن ۾ احتجاجي مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا ويا آهن.

 گذريل ڏينهن شڪارپور جي لکيدر  وٽ ڪربلا مولا امام بارگاهه ۾ مسجد اندر ٿيل ڌماڪي خلاف مجلس وحدت المسلمين ۽ شيعه علماءِ ڪائونسل جي سڏ تي سنڌ جي اڪثر شهرن  ۾ شٽربند هڙتال آهي، جنهن سبب ڪاروباري  سرگرميون مڪمل طور معطل آهن.

واقعي خلاف مجلس وحدت المسلمين پاران لکيدر چوڪ تي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو آهي، ڌرڻي ۾ سياسي سماجي ڌرين سميت شهرين جو وڏو انگ شريڪ آهي.

ڪراچي ۾ ايم جناح روڊ، نمائش چورنگي، ملير 15، ابوالحسن اصفهاني روڊ ۽ ملير ۾ رات کان هنيل ڌرڻا جاري آهن، جڏهن ته ڪورنگي انڊسٽريل ايريا جي بلاول ڪالوني ۾ قومپرستن ۽ سياسي سماجي ڌرين احتجاجي مظاهرو ڪري بلاول چورنگي تي ڌرڻو هنيو، جنهن سبب ٽريفڪ معطل ٿي وئي.

واقعي خلاف ماروي ڳوٺ جي رهواسين احتجاجي مظاهرو ڪري قومي شاهراه تي ڌرڻو هنيو.

احتجاج جي سڏ تي حيدرآباد ۾ مڪمل طور شٽر ڊائون آهي، جڏهن ته مجلس وحدت المسلمين ۽ شيعا علماٰءِ ڪائونسل جي ڪارڪنن حيدر چوڪ، ٽاور، لطيف آباد، حسين آباد ۽ قاسم آباد باءِ پاس تي ڌرڻا هنيا، جنهن سبب ٽريفڪ معطل ٿي وئي.

ٻئي طرف شهر جي مختلف علائقن ۾ اڻڄاتل هٿياربندن جي هوائي فائرنگ سبب شهر ۾ خوف ڇانيل آهي.

ميرپورخاص ۾ واقعي جي سوڳ ۾ شهر ۾ ڪاروبار مڪمل طور بند آهي، جڏهن ته قومي عوامي تحريڪ ۽ جعفريا الائنس پاران الڳ الڳ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا.

لاڙڪاڻي ۾ احتجاج جي سڏ تي شهر ۾ ڪاروبار مڪمل طور بند آهي، جڏهن ته مجلس وحدت المسلمين ۽ شيعا علماءِ ڪائونسل پاران احتجاجي مظاهرو ڪري جناح باغ  وٽ ڌرڻو هنيو ويو.

ٻئي طرف واقعي خلاف وڪيلن پاران عدالتي ڪارروائين جو بائيڪاٽ ڪري احتجاجي مظاهرو ڪيو.

ٽٺي ۾ سانحي جي سوڳ  ۾ ڪاروباربند آهي، جڏهن ته قومي عوامي تحريڪ پاران احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو.

دادو ۾ شيعا علماءِ ڪائونسل پاران احتجاجي مظاهرو ڪري ايس پي چوڪ تي ڌرڻوهنيو ويو، جنهن سبب ٽريفڪ معطل ٿي وئي، جڏهن ته شهر ۾ ڪاروباري سرگرميون معطل  آهن.

ٻئي طرف شڪارپور جي شهيدن جي ايثال ثواب خاطر ايم اين اي رفيق جمالي جي گهر تي قرآن خواني ڪئي وئي.

جيڪب آباد ۾ ڪاروبار مڪمل طور بند آهي، جڏهن ته سني تحريڪ پاران واقعي خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري شهر جو گشت ڪيو ويو.

ٺل ۾ شيعا علماءِ ڪائونسل  ۽ مختلف سياسي سماجي ڌرين پاران احتجاجي مظاهرو ڪري همايون روڊ تي ڌرڻو هنيو ويو.

ڌرڻي ۾ شريڪ ماڻهن دهشتگردي خلاف نعريبازي ڪري جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ جو مطالبو ڪيو.

هنڱورجا ۾مذهبي جماعتن سياسي سماجي ڌرين سانحي خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري قومي شاهراه تي ڌرڻو هنيو، جنهن سبب مختلف شهرن ڏانهن ويندڙ ٽريفڪ معطل ٿي وئي.

راڻيپور ۾ سانحي خلاف ڪاروبار بند آهي، جڏهن ته شيعا علماءِ ڪائونسل جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو.

سڪرنڊ ۾ واقعي خلاف شٽربند آهي، جڏهن ته مذهبي جماعتن ۽ سياسي سماجي ڌرين احتجاج ڪري ڌرڻو هنيو ۽ دهشتگردي خلاف سخت نعريبازي ڪئي.

ڪنڌ ڪوٽ ۾ واقعي خلاف شيعا علماءِ ڪائونسل ۽ مجلس وحدت المسلمين جي سڏ تي مختلف سياسي سماجي ڌرين احتجاجي مظاهرو ڪري انڊس هاءِ وي تي ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو، جڏهن ته شهر ۾ ڪاروباري سرگرميون معطل آهن.

نوابشاهه ۾ سانحي جي سوڳ ۾ ڪاروبار مڪمل طور بند آهي، جڏهن شهرين احتجاجي مظاهرو ڪري پريس ڪلب  آڏو ڌرڻو هنيو.

مورو ۾ سانحي خلاف ڪاروباري سرگرميون معطل آهن، جڏهن ته شيعا علماءِ ڪائونسل پاران احتجاجي مظاهرو ڪري قومي شاهراه تي ڌرڻو هنيو ويو، جنهن سبب ٽريفڪ معطل ٿي وئي.

سانگهڙ جي کڏڙي شهر ۾ انجمن حيدري پاران واقعي خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري سانگهڙ – نوابشاهه روڊ تي ڌرڻو هنيو ويو، جڏهن ته شهر ۾ ڪاروبار مڪمل طور بند آهي.

پنڱريو ۾ واقعي خلاف شهر ۾ شٽربند هڙتال آهي، جڏهن ته جسقم ۽  مجلس وحدت المسلمين پاران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو .

ٽنڊو باگو ۾ واقعي خلاف شٽر بند آهي، جنهن سبب شهر جا ننڍا وڏا ڪاروباري مرڪز بند آهن، جڏهن ته شيعا علماءِ ڪائونسل جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مطاهرو ڪري حيدرآباد روڊ تي ڌرڻو هنيو ويو.

   واقعي خلاف ٽنڊو محمد خان، سڪرنڊ، هالا، قبو سعيد خان، ڄام صاحب، شهدادپور، نئون ديرو ۾به سياسي سماجي ۽ مذهبي جماعتن  احتجاجي مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا.

واقعي جي سوڳ ۾شڪارپور، سکر، ميرپور خاص، خيرپور، نوشهرو فيروز، بدين، ٽنڊو محمدخان، ٽنڊو الهيار، ڄامشورو، عمر ڪوٽ، گهوٽڪي، ڪنڌڪوٽ ڪشمور ۾ شٽر بند هڙتال آهي، جنهن سبب ڪاروباري سرگرميون معطل ۽ روڊن تان ٽريفڪ غائب آهي.

مدئجي، لکي غلام شاهه، پير جو ڳوٺ، روهڙي، سيٺارجا، فيض گنج، پڊعيدن، ڀرياسٽي، ٺاروشاهه، ڪنڌرا،ڪنڊيارو، ڀرياروڊ، خانواهڻ، ڪوٽڙي ڪبير، محرابپور، قاضي احمد، سڪرنڊ، دولتپور، ڄام صاحب،  ٻانڌي، دوڙ ۾ شثر بند هڙتال سبب ڪاروباري سرگرميون معطل آهن.

ٺل، ڳڙهي خيرو، ڳڙهي ياسين، مير واهه گورچاڻي، پنو عاقل، ڊگهڙي، اوٻاوڙو، جهڏو، بخشاپور، بڊاڻي، سجاول، ميرپور ماٿيلو، خانپور، وارهه ۽ ٻيراڻي  ۾ ڪاروبار بند آهي.

ننگر پارڪار، مٺي، ڍورو نارو، سامارو، ڇاڇرو، تلهار، ماتلي، ڪوٽ غلام محمد، باڊهه، ڏوڪري، شهدادڪوٽ، موهن جو دڙو، نئون ديرو، رتو ديرو،  ڪوٽڏيجي، ڪنب، ڄام نواز علي، شهدادپور، ٽنڊو آدم، نئون ڪوٽ ۾ ڪاروباري سرگرميون معطل آهن.

خانپور مهر، خانپور، راڌڻ سميت مختلف شهرن ۾ شٽربند هڙتال سبب ڪاروبار بند آهي جڏهن ته روڊن تان ٽريفڪ غائب آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*