آمريڪا ۾ آرمي نيشنل گارڊ جو هيليڪاپٽر ڪري تباه ٿي ويو

آمريڪا ۾ آرمي نيشنل گارڊ جو هيليڪاپٽر ڪري تباهه ٿي ويو آهي، جنهن ۾ ٻه ڄڻا سوار هئا.

آمريڪي راڄڌاني واشنگٽن ڊي سي ويجهو فوجي هيليڪاپٽر ڪري تباهه ٿي ويو.

پرڏيهي خابرو ادارن جي رپورٽس موجب فوجي هيلڪاپٽر ۾ 2 ڄڻا سوار هئا.

فوري طور تي اهو معلوم نه ٿي سگهيو آهي ته جهاز حادثي جو شڪار ڇو ٿيو ۽ ان ۾ سوار ٻه ڄڻا حادثي ۾ حياتيون وڃائي ويٺا آهن يا زخمي حالت ۾ مدد جا منتظر آهن؟

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*