شڪارپور سانحو آپگهاتي هو جنهن ۾ 5 کان 7 ڪلو گرام بارودي مواد استعمال ڪيو ويو راجا عمر خطاب

آءِ جـِي سنڌ پاران شڪارپور سانحي جي جاچ لاءِ جوڙيل خاص ٽيم واقعي واري هنڌ جو دورو ڪري شاهديون گڏ ڪيون آهن، سـِي آءِ ڊِي انچارج عمر خطاب چيو آهي ته شڪاپور ۾ ڌماڪو آپگهاتي هو، جنهن ۾ 5 کان 7 ڪلوگرام بارودي مواد استعمال ڪيو ويو.

آءِ جي سنڌ غلام حيدر جمالي پاران جوڙيل خاص ٽيم سي آءِ ڊي انچارج ايس ايس پي راجا عمر خطاب جي سربراهي ۾ شڪاپور ۾ امام بارگاهه جو دورو ڪيو.

ان موقعي تي جاچ ٽيم واقعي واري هنڌ تان شاهديون گڏ ڪيون ۽ اکين ڏٺن شاهدن جا بيان پڻ قلمبند ڪيا.

ميڊيا سان ڳالهائيندي جاچ ٽيم جي سربراهه راجا عمر خطاب چيو ته شڪارپور سانحو آپگهاتي هو، جنهن ۾ 5 کان 7 ڪلوگرام بارودي مواد استعمال ڪيو ويو.

راجا عمر خطاب چيو ته ڌماڪي ۾ بال بيئرنگ پڻ استعمال ڪيا ويا، جنهن سبب وڏو جاني نقصان ٿيو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*