سيٺارجا ۾ڳوٺاڻن طرفان پوليس جي مبينا زيادتين خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو

setarja

سيٺارجا ۾ڳوٺاڻن طرفان پوليس جي مبينا زيادتين خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

ڳوٺ وريام ونڊير جي ڳوٺاڻن ٺري مير واهه پوليس خلاف هٿن ۾ بينر ۽ پلي ڪارڊ کڻي ارشاد علي سهتي، مختيارسهتي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو.

ان موقعي تي ڳوٺاڻن الزام هنيو ته ٺري ميرواهه ٿاڻي جي پوليس سندن ڳوٺ تي ڪڙو چاڙهي گهرن ۾ گھڙي ڀڃ ڊاهه ڪئي.

احتجاج ڪندڙن الزام هنيو ته پوليس بنا ڪنهن سبب جي سندن نوجوان رياض عرف راجا کي گرفتار ڪرڻ بعد گم ڪري ڇڏيو آهي.

هنن مطالبو ڪيو ته پوليس جي ڪارروائي جو نوٽيس وٺي نوجوان رياض عرف راجا کي آزاد ڪرايو وڃي………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*