لاهور ۾ پنجاب يونيورسٽيءَ جي رٽائرڊ عورت پروفيسر جو هائوسنگ ڪالوني مان ڳلو ڪپيل لاش مليو آهي

lahore

لاهور ۾ پنجاب يونيورسٽيءَ جي رٽائرڊ عورت پروفيسر جو هائوسنگ ڪالوني مان ڳلو ڪپيل لاش مليو آهي، پوليس پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد لاش ميئو اسپتال جي مرده خاني ۾ رکرائي ڇڏيو، رٽائرڊ پروفيسر طاهره جو تيز ڌار اوزارن سان ڳلو ڪپي کيس قتل ڪيو ويو آهي.

اقبال ٽائون پوليس پنجاب يونيورسٽي جي هائوسنگ ڪالوني جي گهر مان هڪ عورت جو ڳلو ڪپيل لاش هٿ ڪيو، جنهن جي سڃاڻپ رٽائرڊ پروفيسر طاهره طور ٿي.

پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدارن رٽائرڊ پروفيسر طاهره کي تيز ڌار اوزارن سان ڳلو ڪپي کيس قتل ڪيو آهي.

پوليس موجب رٽائرڊ پروفيسر طاهره ڪالوني واري گهر ۾ اڪيلي رهندي هئي سندس هڪ ڌي آهي، جيڪا ڪراچي ۾ رهندي آهي.

پوليس عملدارن وڌيڪ چيو ته عورت جو لاش ميوو اسپتال جي مرده خاني ۾ رکيو ويو آهي، واقعي جي جاچ شروع ڪئي وئي  آهي…………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*