ڪنڌڪوٽ ويجھو ڳوٺاڻن ۽ هٿياربندن وچ ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ جي نتيجي ۾ مبينا چور مارجي ويو، پوليس مارجي ويل جو لاش کڻائي اسپتال منتقل ڪيو

khandkot

ڪنڌڪوٽ ويجھو ڳوٺاڻن ۽ هٿياربندن وچ  ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ جي نتيجي ۾ مبينا چور مارجي ويو، پوليس مارجي ويل جو لاش کڻائي اسپتال منتقل ڪيو.

ڳوٺ تاج محمد محمداڻي ۾ رات  جي وقت هٿياربندن ۽ ڳوٺاڻن وچ ۾ مقابلو ٿي پيو، جنهن دوران فائرنگ جي ڏي وٺ ۾گوليون لڳڻ سبب هڪ هٿياربند ٿڏي تي مارجي ويو.

اطلاع تي اي سيڪشن ٿاڻي جي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش تحويل ۾ وٺي تعلقي اسپتال منتقل ڪيو.

ڳوٺانن جي فائرنگ ۾ مارجي ويل هٿياربند جي سڃاڻپ سکواڻ سبزوئي طور ڪئي وئي آهي.

پوليس جو چوڻ آهي ته ڳوٺ تاج محمد محمداڻي ۾ رات جي وقت چور واردات جي نيت سان داخل ٿيا ته ڳوٺاڻن سان مقابلو ٿي پيو، جنهن دوران هٿيار بند سکواڻ سبزوئي مارجي ويو  آهي …….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*