لاهور ويجهو جعفر ايڪسپريس جون چار بوگيون پٽڙي تان لهي وڃڻ جي نتيجي ۾ 10 مسافر زخمي ٿي پيا

Train-Accident-18417

لاهور ويجهو جعفر ايڪسپريس جون چار بوگيون پٽڙي تان لهي وڃڻ جي  نتيجي ۾ 10 مسافر زخمي ٿي پيا، جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو.

ريلوي ترجمان موجب ايمن آباد  ريلوي اسٽيشن وٽ جعفر ايڪسپريس جون 4  بوگيون پٽڙي تان لهي وڃڻ ڪري ڪلٽي ٿي پيون، جنهن جي نتيجي ۾ 10 مسافر زخمي ٿي پيا.

ريلوي ترجمان چيو ته جعفر ايڪسپريس پشاور کان لاهور وڃي رهي هئي ته حادثو پيش آيو .

پوليس موجب ٽرين جي بوگين مان سمورن زخمين کي ٻاهر ڪڍيو ويو، جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*